SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادبي روايتون


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ادبي روايتون

(Literary Tradition)

دنيا جي هر ٻوليءَ جو ادب روايتن جي حسين زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر ايندو آهي، هر ٻوليءَ جون ڪي مخصوص روايتون هونديون آهن، جن مان ڪنهن قوم جي تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي لاڙن جي خبر پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪيترن اديبن ٻين ٻولين جي ادب جون سٺيون روايتون اڌاريون وٺي پاڻ وٽ رائج ڪيون آهن. انگريزيءَ جي مشهور شاعر جيوفري چاسر (1343-1400ع) پنهنجي مشهور نظم ‘ڪنٽر بري ٽيلس’(Cantrubery Tales) ۾ هيئت جي روايت اٽليءَ جي مشهور ليکڪ گيواني بوڪيشو (1313-1375ع)جي ‘ڊيڪيمران’ تان کنئي. بوڪيشو، اهو ڪتاب الف ليليٰ کان متاثر تي لکيو. اهڙيءَ ريت ڄڻ ته چاسر اڻ سڌي طرح عربي ۽ فارسي ادب جي هيئت جي روايت ڪتب آندي آهي. سنڌي ٻولي دنيا جي تهذيب يافته ٻولين مان هڪ آهي، جنهن کي پنهنجون قديم، فڪري طور ڀرپور تاريخي ۽ ثقافتي روايتون آهن. جن تي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي پيڙهه رکيل آهي. ان سان گڏ سنڌي اديب، دنيا ۽ پاڙيسري ٻولين جي بهتر روايتن ۽ هيئتن مان استفادو ڪري. پنهنجي ادب کي مالا مال ڪيو ۽ حالتن جي تقاضا موجب بنايو آهي.


Remember Me Also:

سجّاده نشين

ڪنهن بزرگ جي گاديءَ تي ويهڻ وارو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal